جوهري/ وينجهار

جوهري/ وينجهار

جوهري وينجهار

جوهري/ وينجهار: قيمتي ۽ اڻلڀ پٿر سڃاڻندڙن ۽ وڪڻندڙن کي جوهري چئجي ٿو ۽ انهن کي ونڌڻ يا سوراخ ڪڍڻ، سون ۽ چانديءَ تي خوبصـورت جــڙاءُ، مـيــنـا ڪـاري ۽ ڪندن جو ڪم ڪـنـدڙ کـي ويــنـجهـار چـئجـي ٿــو. صـديـن کان خاص ڪري لاڙ ۾ هلندڙ هيءُ خالص سـنڌي هـنـر سمجهيو وڃي ٿو. سونارو سون، چانديءَ جا قيمتي ڳهه ڳٺا گهڙي وينجهار جي حوالي ڪندو آهي، جيڪو مختلف مرحلن مان گذاري وڏي مهارت ۽ نفاست سان ننگ، سپون، شيشو ۽ مينا مڙهي يا ڪنده ڪاري ڪري سون ۽ چانديءَ جي زيورن جي قدر قيمت، سونهن ۽ سوڀيا ۾ اضافو ڪندو آهي. شاهه عبداللطليف ڀٽائي رسالي جي ڏهن سُرن ۾ جڙاءُ، ونڌڻ، مڙهائيءَ ۽ مينا ڪاريءَ جو ذڪر ڪيو آهي: ويا سي وينجهار، هيرو لعل ونڌين جي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو